ڀورو شاهه بيگ دڙو

ڀورو شاهه بيگ دڙو: هي دڙو ديهه مول تعلقي ٿاڻي بولاخان، ضلعي ڄامشوري ۾ اُتر ويڪرائي ڦاڪ 25026\'62\' اوڀر ڊگھائي ڦاڪ67026\'95\'\' تي موجود آھي. هي دڙو ڳوٺ شاهه بيگ بس اسٽاپ کان اٽڪل ٻه فرلانگ اتر-اولهه ۾ ھڪ قديم ماڳ آھي، جنھن تي چوڌاري ٺڪراٺو پکڙيل آھي. جيتوڻيڪ ٺڪراٺو نئين توڙي پراڻي دور جو گڏجي ويو آھي. پوءِ به پراڻي ٺڪراٺي مان لڳي ٿو ته دڙو قبل از تاريخ جو ماڳ آھي. ھن ماڳ جو بدر ابڙي ۽ سيد حاڪم علي شاهه معائنو ڪيو آهي ۽ ان تي تحقيق جاري آھي، هن دڙي جي کوٽائي اڃا نه ٿي آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو